چونڊ نتيجا بدلائڻ جو الزام، ٽرمپ سڀاڻي پاڻ کي جيل اختيارين حوالي ڪندو

چونڊ نتيجا بدلائڻ جو الزام، ٽرمپ سڀاڻي پاڻ کي جيل اختيارين حوالي ڪندو

واشنگٽن ( م ڊ ) صدارتي اليڪشن ۾ آمريڪي رياست جارجيا جا چونڊ نتيجا بدلائڻ واري ڪيس ۾ اڳوڻو آمريڪي صدر ٽرمپ خميس جي ڏينهن پاڻ کي جيل اختيارين جي حوالي ڪري ڇڏيندو. پرڏيهي خابرو اداري موجب، صدارتي چونڊن جا چونڊ نتيجا بدلائڻ واري ڪيس ۾ عدالت ۾ پهرين حاضري کان اڳ اڳوڻي آمريڪي صدر ۽ 18 شريڪ جوابدارن کي پاڻ کي تحويل ۾ ڏيڻو آهي. ان ڏس ۾ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چي وته کيس گرفتار ڪيو ويندو. ميڊيا رپورٽس موجب، اليڪشن ۾ رنڊڪ وجهڻ واري ڪيس ۾ اڳوڻي صدر ٽرمپ جي 2 لک ڊالرز ۾ ضمانت ٿيندي جنهن تي اٽلانٽا ۾ الزام لاڳو ٿيڻ تي آمريڪا جي اڳوڻي صدر کي روڪ رقم جمع ڪرائڻي پوندي، انکانسواءِ ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ ٽن ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے