تهران ( م ڊ) ايراني صدر ابراهيم رئيسي چيو آهي ته ايران خلاف اڳرائي ۾ ملوث هر هٿ ڪٽيو ويندو. پرڏيهي خابرو اداري موجب، ايران طرفان مقامي طور تيار ڪيل مهاجر-6 کان ٻيڻ تي صلاحيت رکندڙ جديد ڊرون مهاجر-10 جي مهورت ڪئي وئي، جديد ڊرون ٻه هزار ڪلوميٽر آپريشنل رينج سان گڏ، 24 ڪلاڪن تائين اُڏام جي صلاحيت رکي ٿو. ايران جي سرڪاري ميڊيا موجب، ايراني ڊرون مهاجر -10، ٽي سئو ڪلو گرام تائين پي لوڊ کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ان موقعي تيتقريب کي خطاب ڪندي ايراني صدر ابراهيم رئيسي چيو آهي ته ايران خلاف اڳرائي ۾ ملوث هٿ ڪٽيون ويندو.
ايران خلاف اڳرائيءَ ۾ ملوث هر هٿ ڪٽيو ويندو: ايراني صدر
