لاس اينجلس (م ڊ) هالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا سلميٰ هائيڪ سڄي دنيا ۾ پنهنجي ٽئلينٽ ۽ بهترين اداڪاري سبب شهرت رکي ٿي. 1990 ۽ 2000 جي شروعات ۾ هن ڪيترين ئي سپر هٽ فلمن ۾ ڪم ڪيو. تازي گفتگو ۾ سلميٰ هائيڪ انڪشاف ڪيو ته ڪيريئر جي شروعات ۾ مون کي پنهنجا ڪپڙا ڊيزائن ڪرڻ لاءِ ڪو برانڊ نه ملندو هو. هن چيو ته 1996 ۾ هڪ فلم جي پريميئر ۾ مون کي مرداڻو لباس پائڻو پيو، ڇو ته ڪنهن ڊيزائنر مون لاءِ لباس تيار نه ڪيو هو. سندس موجب منهنجي واحد سڃاڻپ ”هوگو باس“ برانڊ ۾ هڪ عهديدار سان هئي، جنهن مون کي سٺو مرداڻو لباس پائڻ لاءِ ڏنو، ڇو ته ڪو به ڊيزائنر مون لاءِ ڪپڙا ٺاهڻ ۾ دلچسپي نه رکندو هو.
ڪنهن ڊيزائنر ڪپڙا نه ٺاهيا، مرداڻو لباس پائڻو پيو: سلميٰ هائيڪ
