پشاور (م ڊ) پاڪ فوج پندرهن ڪلاڪن کانپوءِ بٽگرام ۾ چيئر لفٽ ۾ ڦاٿل ڇهن شاگردن سميت اٺن ئي ڄڻن کي بچائي ريسڪيو آپريشن ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪري ورتو آهي.خيبرپختونخوا جي شهر بٽگرام ۾ پاشتو واري هنڌ تي چيئر لفٽ جي رسي ٽٽي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ اسڪول جي ڇهن ٻارن سميت 8 ڄڻا 600 فوٽن جي بلندي تي ڦاسي پيا. ٻار صبح ستين وڳي چيئر لفٽ ذريعي اسڪول وڃي رهيا هئا ته لفٽ جون ٽن مان ٻه رسيون ٽٽي پيون، جنهن ڪري چيئر لفٽ ڦاسي پئي. بٽگرام جي علائقي آلائي ۾ چيئر لفٽ ۾ اٺ ڄڻا ڦاسڻ سبب پاڪ فوج اسپيشل سروسز گروپ چيئر لفٽ ۾ ڦاٿلن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ آپريشن ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي جي اسپيشل سروسز گروپ جي سلنگ آپريشن ۾ ماهر ٽيم به حصو ورتو. ريسڪيو ڪيلن ۾ عرفان ولد امريز، نياز ولد عمر زيب، رضوان ولد عبدالقيوم، گل فراز پٽ حڪيم داد، شير نواز ولد شاهه نظر، ابرار پٽ عبدالغني، عطا الله ولد ڪفايت الله ۽ اساما ولد محمد شريف شامل آهن. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي اسپيشل سروسز گروپ جي سلنگ ٽيم 600 فٽ جي اونچائي تي چيئر لفٽ ۾ ڦاٿل اٺن ئي ڄڻن کي ڪاميابيءَ سان ريسڪيو ڪري ورتو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته پاڪ فوج سدائين هر ڏکئي وقت ۾ عوام جي آواز تي لبيڪ چيو ۽ ڏکئي گهڙيءَ ۾ عوام سان گڏ بيٺل رهي آهي. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ بٽگرام ۾ چيئر لفٽ مان اٺن ڄڻن کي ريسڪيو ڪرڻ تي پاڪ فوج، ضلعي انتظاميا ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن کي ڀيٽا پيش ڪئي. سندس چوڻ هو ته ڏکئي آپريشن کي انتهائي پيشوراڻي انداز سان مڪمل ڪري آپريشن ۾ شريڪ اهلڪارن، آفيسرن ۽ رضاڪارن ڪيترين ئي امڙين جون جهوليون اجڙڻ کان بچائي ورتيون، ريڪسيو آپيرشن ۾ شريڪ سمورا فرد قوم جا هيرو آهن.
پاڪ فوج بٽگرام جي چيئر لفٽ ۾ ڦاٿل شاگردن سميت اٺن ئي ڄڻن کي بچائي ورتو
