بنگلاديش جو اهم بالر ايشياڪپ مان آئوٽ

بنگلاديش جو اهم بالر ايشياڪپ مان آئوٽ

ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم کي وڏو جهٽڪو لڳي ويو آهي، فاسٽ بالر عبادت حسين ڊگهي عرصي کان انجري سبب ايشيا ڪپ کيڏڻ تان هٿ کڻي ورتو آهي. ان ڏس ۾ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي بي ) اڱاري جي ڏينهن اعلان ڪيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ بي سي بي ايشيا ڪپ لاءِ سترنهن رُڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو هو جنهن ۾ عبادت حسين به شامل هو، ايشيا ڪپ لاءِ ٽيم جي تياريون به زورن تي هيون جڏهن ته آل رائونڊر شڪيب الحسن کي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو .

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے