صدر پاران اسپيشل اولمپڪس ۾ ميڊلز کٽڻ تي پاڪستان اسپيشل اولمپڪس ٽيم ۽ انتظاميا کي مبارڪُون

صدر پاران اسپيشل اولمپڪس ۾ ميڊلز کٽڻ تي پاڪستان اسپيشل اولمپڪس ٽيم ۽ انتظاميا کي مبارڪُون

اسلام آباد (م ڊ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسپيشل اولمپڪس ۾ ميڊلز کٽڻ تي پاڪستان اسپيشل اولمپڪس جي پوري ٽيم ۽ انتظاميا کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن کي صحت، تعليم، روزگار ۽ راندين ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪرڻ جو موقعو ڏيڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار برلن اسپيشل اولمپڪس ۾ شرڪت ڪندڙ پاڪستان جي اسپيشل اولمپڪس ٽيم جي ميمبرن سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر ۽ خاتون اول بيگم ثمينه علوي ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ ۽ نالو روشن ڪرڻ تي پاڪستان جي اسپيشل اولمپڪس ٽيم کي ساراهيو. ڊاڪٽر عارف علوي مثبت سرگرمين ۾ معذور ماڻهن جي شموليت وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ هڪ ٺوس ۽ شموليت تي ٻڌل معاشري جي جوڙجڪ جا خواهشمند آهيون. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن کي انهن جي هنر ۽ صلاحيتن موجب نوڪريون ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پوري ٽيم اسپيشل اولمپڪس راندين جي ميدان ۾ ڀرپور صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو، پاڪستان جي اسپيشل اولمپڪس ٽيم جو 11 راندين جي مقابلن ۾ حصو وٺڻ فخر جوڳو آهي، خوشي ٿي ته ذهني معذوري جي شڪار ماڻهن به راندين ۾ حصو ورتو. صدر چيو ته پاڪستان جي اسپيشل اولمپڪس ٽيم ميڊلز کٽي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے