بشريٰ بي بي جون جيل ۾ مڙس سان ڊگهيون ملاقاتون

بشريٰ بي بي جون جيل ۾ مڙس سان ڊگهيون ملاقاتون

لاهور (م ڊ) اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي پي ٽي آءِ چيئرمين سان اٽڪ جيل ۾ هڪ ڪلاڪ ڊگهي ملاقات ڪئي، کيس جيل پهچڻ تي پوليس ناڪي تي روڪي ورتو هو ۽ سندس گاڏي جي مڪمل تلاشي ورتي وئي جنهن بعد کيس جيل ۾ داخلا جي اجازت ڏني وئي. بشريٰ بي بي قانوني ٽيم سان گڏ تحريڪ انصاف جي چيئرمين سان ملڻ ڊسٽرڪٽ جيل پهتي ته پوليس سندس گاڏي کي روڪيو. پي ٽي آءِ جي ليگل ٽيم جي پوليس سان ڳالهين بعد بشريٰ بي بي کي اجازت ملي.بشريٰ بي بي تقريبن هڪ ڪلاڪ تائين ملاقات ڪئي ۽ پوءِ واپس رواني ٿي وئي. بشريٰ بي بي ان کان اڳ عمران خان سان ٻه ملاقاتون ڪري چڪي آهي ۽ هي ساڻس ٽئين ملاقات هئي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے