ڀارت جو خلائي مشن چندريان ٿري ڪاميابي سان چنڊ تي پهچي ويو

ڀارت جو خلائي مشن چندريان ٿري ڪاميابي سان چنڊ تي پهچي ويو

ممبئي (م ڊ) ڀارت جو خلائي مشن چندريان ٿري ڪاميابي سان چنڊ تي پهچي ويو، مشن جي ڪاميابي بعد ڀارت چنڊ تي سافٽ لينڊنگ ڪرڻ وارو دنيا جو چوٿون ۽ ايشيا جو ٻيو ملڪ بڻجي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ٻن ناڪامين بعد ڀارت جو ٽيون خلائي مشن چنڊ تي لهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. ڀارت طرفان چندريان ٿري چنڊ جي سفر تي 14 جولاءِ تي روانو ٿيو هو. چنڊ تي لينڊنگ جا منظر ڏسڻ ۽ اداري جو حوصلو وڌائڻ لاءِ اعليٰ عملدار به موجود هئا، مشن چنڊ تي ڪاميابيءَ سان لينڊ ڪرڻ بعد سڀني تاڙيون وڄائي جشن ملهايو ۽ خلائي اداري اسرو کي ٽيم کي واڌايون ڏنيون. ملڪ ۾ تاريخ منظر اسرو جي ويب سائٽ سڌيءَ ريت نشر ڪئي وئي، اسڪولن، ميدانن ۽ بازران ۾ اسڪرينون لڳائي هزارين ماڻهن چنڊ تي لهڻ وارا منظر ڏٺا. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ڏکڻ آفريڪا ۾ هلندڙ برڪس سربراهي اجلاس ۾ شريڪ آهي پر هو آن لائن تقريب ۾ شريڪ ٿيو.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے