ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ سٽي پوليس ۽ ڳجهي اداري گڏيل ڪارروائي ڪري هڪ ڀارتي جاسوس کي پاڪستاني سهولتڪار سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. ايس ايس پي عارف عزيز چيو ته جوابدارن کي ڪلاڪوٽ ٿاڻي جي حد مان گرفتار ڪيو ويو، سندن قبضي مان ٻه انڊين پاسپورٽ، هڪ پسٽل، پنج لک رپيا ايراني ڪرنسي، ڇهه موبائل فونز، هڪ ٽيبليٽ ۽ ٻيا ڪاغذ هٿ آيا. ايس ايس پي عارف عزيز موجب، جوابدارن جي سڃاڻپ اڪـل ديو پٽ مڌو سڌانه جاليکا ۽ ظهور پٽ امام بخش طور ٿي آهي، جوابدار اڪـل ديو ڀارتي جاسوس آهي. هن چيو ته جوابدار اڪـل ديو پاڪستان جي مختلف اهم ۽ حساس هنڌن جي جاسوسي ڪري رهيو هو، جوابدار کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
ڪراچي: پوليس جي ڪارروائي، ڀارتي جاسوس گرفتار
