راڻيپور(رپورٽر) راڻيپور جي پيرن جي حويلي ۾ تشدد ۽ زيادتي بعد قتل ڪيل معصوم نينگري فاطمه ڦرڙو جي ڪيس ۾ جوابدارن جي ڊي اين اي جي جزن مان هڪ جوابدار جا جزا ميچ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي . ذريعن جو چوڻ آهي ته جاچ اختيارين فائنل رپورٽ وٺڻ کان اڳ سيمپل لمس کان واپس وٺي ڇڏيا آهن . ذريعن موجب، لمس جي فارينزڪ سائنس ليبارٽري ۾ ڊي اين اي سيمپلس جي ٽيسٽ دوران هڪ جوابدار جا جزا فاطمه جي جزن سان ميچ ٿي ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊي اين اي ٽيسٽ ۾ معصوم ٻارڙي سان زيادتي جي تصديق پڻ ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب، جزا لمس ليب مان واپس وٺي ڪراچي جي يونيورسٽي آف ڪراچي آئي سي سي بي ايس اينڊ ايل اي ايس اماڻيا ويا آهن . لمس ليب جي ٽيسٽ جي قانوني حيثيت ختم ٿي وئي، پوليس عملدارن جي فيصلي بعد ڪيترن ئي سوالن جنم وٺي ڇڏيو آهي. اگزيمينيشن بورڊ جي چيئرمين پي ايم سي اسپتال نواب شاهه جي ايم ايس پاران جزا واپس وٺڻ لاءِ ايس ايس پي خيرپور کي ليٽر لکيو ويو هو. ايس ايس پي روحل کوسي اهڙو ليٽر ملڻ شرط لمس ليب کي ليٽر لکي جزا فوري طور واپس ورتا…
نينگري فاطمه ڦرڙو جي ڪيس ۾ جوابدارن جي ڊي اين اي جي جزن مان هڪ جوابدار جا جزا ميچ ٿيڻ جو انڪشاف
