اڻ رجسٽر آءِ فون رکندڙن لاءِ وڏي خوشخبري

اڻ رجسٽر آءِ فون رکندڙن لاءِ وڏي خوشخبري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) تازو ايپل آءِ فونز جي پراڻي ماڊلز جي رجسٽريشن فيس ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي، اهو قدم فيڊرل بورڊ آف روينيو جي اعلان کانپوءِ کنيو ويو آهي.
ايف بي آر جي ايپل سمارٽ فونز تي ٽيڪس گهٽ ڪرڻ جي جواب ۾ پي ٽي آءِ آءِ فون ڊوائسز جي پراڻي ورزنز جي رجسٽريشن چارجز کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي آهي.
پي ٽي اي طرفان رجسٽريشن فيس ۾ اها گهٽتائي ٻن الڳ الڳ زمرن ۾ لاڳو ڪئي پئي وڃي، پاسپورٽ تي ٻڌل ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جي بنياد تي فيس جي ادائيگي ٿيندي آهي.
پاسپورٽ تي ٻڌل آءِ فون 8 جي رجسٽريشن فيس 38922 رپيا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ان ئي ماڊ جي سڃاڻپ ڪارڊ جي بنياد تي فيس هاڻ 48314 رپيا آهي.
اهڙي ريت آءِ فون 8 پلس لاءِ پاسپورٽ سان گڏ رجسٽريشن فيس 40915 رپين ۾ ايڊجسٽ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سڃاڻپ ڪارڊ سان گڏ اها رقم هاڻ 50546 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے