ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس 14سالن بعد ري اوپن، اپيلون ٻڌڻي لاءِ منظور ڪيون ويون عدالت شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس ۾ 2011ع ۾ داخل ڪرايل درخواست کي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي درخواستگذار کي گهرائي ورتو شهيد مير مرتضيٰ جو قتل ڪيس 14 سالن بعد ٻيهر کوليو ويو، اپيلون ٻڌڻي لاءِ منظور ڪيون ويون، درخواستن تي ٽن هفتن کانپوءِ ٻڌڻي ٿيندي سال 2010ع ۾ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي ملازم نور محمد سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جوابدارن جي بريت خلاف درخواست داخل ڪرائي هئي، درخواسگذار جا وڪيل پير مجيداڻو، ظهير سومرو، سجاد عباسي اڄ عدالت آڏو پيش ٿيا، عدالت اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي واضح رهي ته 20 سيپٽمبر 1996ع تي مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ ساٿين کي سرعام گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو هو، ڊسمبر 2009ع ۾ هاءِ ڪورٽ 20 پوليس آفيسرن کي ثبوت نه هجڻ جي بنياد تي آزاد ڪري ڇڏيو هو عدالت اڳوڻي چيف آءِ بي معسود، اڳوڻي ڊي آءِ جي شعيب سڊل کي به بري ڪيو هو، قتل ڪيس جي جوابدار انسپيڪٽر حق نواز خودڪشي ڪئي هئي، ان وقت جي ايس ايس واجد دراني، اڳوڻي ايڊيشنل آءِ جي شاهد حيات ۽ ٻين کي عدالت بيگناهه قرار ڏئي آزاد ڪيو هو، جوابدارن جي بريت خلاف 2011ع ۾ اپيل داخل ڪئي وئي هئي، هاڻ 14 ورهين کانپوءِ هاءِ پروفائل ڪيس ٻيهر عدالت ۾ هلندو
شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس 14 سالن کانپوءِ ٻيهر اوپن، اپيلون ٻڌڻي لاءِ منظور
