گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم

گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ هاءِڪورٽ غائب ماڻهو بازياب ڪرائڻ بابت درخوستن تي گهرو سيڪريٽري ۽ آئي جي سنڌ کي نوٽيس ڪندي جي آئي ٽي ٺاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو اربع تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ شهر جي مختلف علائقن مان شهري لاپته ٿيڻ بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي درخواست گذارن جي وڪيل موقف ڏنو ته محمد علي صديق گهر موٽي آيو کيس عزيزآباد مان کنيو ويو هو ٻئي لاپته شهري جي ڀاءُ چيو ته سيد ساجد علي پهرين آگست تي ڪورنگي مان لاپته ٿيو 20-22 ڏينهن جي ويا نه آيو مان رڪشا هلايان ٿو گم ٿي وڃڻ جي ايف آئي آر داخل ناهي ٿي روزگار ڪمايان يا ايف آئي آر جي پٺيان وڃان لاپته شهري جي زال ٻڌايو ته عمر فاروق کي نيو ڪراچي مان 4 آگسٽ تي تحويل ۾ ورتو پوليس ۽ ڪوئي ادارو عمر فاروق جي گرفتاريجو نه پيو ٻڌائي درخواست گذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته رضوان وسيع الله سميت چئن شهرين کي گلشن اقبال مان حراست ۾ ورتو ويو شهرين جي گمشدگي جي ايف آئي آر داخل ٿي چڪي عدالت غائب ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ جي آئي ٽي ٺاهڻ جو حڪم ڏيندي ريمارڪس ڏنا ته رضوان ۽ وسيع الله جي بازيابي لاءِ جي آئي ٽي اثرائتي جاچ ڪري گهرو سيڪريٽري جي آئي ٽي جو نوٽيفڪيسن جاري ڪري عدالت گهرو سيڪريٽري، آئي جي سنڌ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو ۽ گهرو سيڪريٽري پوليس آفيسرن کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتيون.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے