اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي منهنجي خلاف سمورن ڪيسن جي ٻڌڻي کان روڪيو وڃي: عمران

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي منهنجي خلاف سمورن ڪيسن جي ٻڌڻي کان روڪيو وڃي: عمران

اسلام آباد( مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. عمران خان پنهنجي درخواست ۾ موقف ڏنو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي منهنجي خلاف سمورن ڪيسن جي ٻڌڻي کان روڪيو وڃي ۽ منهنجا سمورا ڪيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان لاهور يا پشاور هاءِ ڪورٽ منتقل ڪيا وڃن. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته عدالتي فيصلو ٿيڻ تائين جسٽس عامر فاروق کي ڪيسن جي ٻڌڻي کان روڪيو وڃي. پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان درخواست ايڊووڪيٽ لطيف کوسي داخل ڪئي. سپريم ڪورٽ ۾ درخواست آرٽيڪل 186 اي جي تحت داخل ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن تحريڪ انصاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ توشه خانه ڪيس جي ٻڌڻي خميس تائين ملتوي ڪرڻ جي سخت مذمت ڪئي هئي. مرڪزي ميڊيا ڊپارٽمينٽ موجب پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان پاڻ کي ڪيس جي ٻڌڻي کان فوري ڌار ٿيڻ ۽ معاملو ڪنهن ٻئي بينچ حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ قانون ۽ انصاف کي هڪ مذاق عدالت کي تماشو بنائي ڇڏيو آهي هو چيف جسٽس جي عهدي تي ويهڻ جي قابل نه آهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے