نڪور خبرون

ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ پاڪ جا ڇهه جوان شهيد، چار دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (م ڊ) ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 6 جوان شهيد  ۽ 4 دهشتگرد مارجي ويا آهن. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، ڏکڻ وزيرستان جي علائقي آسمان منزه ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي سيڪيورٽي فورسز اثرائتي طريقي سان دهشتگردن جي ٿاڪن جو پتو

بشريٰ بي بي جون جيل ۾ مڙس سان ڊگهيون ملاقاتون

لاهور (م ڊ) اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي پي ٽي آءِ چيئرمين سان اٽڪ جيل ۾ هڪ ڪلاڪ ڊگهي ملاقات ڪئي، کيس جيل پهچڻ تي پوليس ناڪي تي روڪي ورتو هو ۽ سندس گاڏي جي مڪمل تلاشي ورتي وئي جنهن بعد کيس جيل ۾ داخلا جي اجازت ڏني وئي. بشريٰ بي بي قانوني ٽيم سان گڏ تحريڪ انصاف جي چيئرمين سان ملڻ ڊسٽرڪٽ جيل پهتي ته پوليس سندس گاڏي

22هين گريڊ جي آفيسر صدر جي سيڪريٽري بڻجڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي طرفان نامزد ڪيل 22هين گريڊ جي آفيسر حميرا احمد سيڪريٽري بڻجڻ کان معذرت ڪري ڇڏي. صدر جي سيڪريٽري جي مقرري جو معاملو نئون رُخ اختيار ڪري ورتو، صدر طرفان نامزد ڪيل حميرا احمد صدر جي سيڪريٽري بڻجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.قومي ورثي واري وزارت جي سيڪريٽري حميرا احمد سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته موجوده

ڪوشش هوندي ته عوام جي خدمت ڪريان: مدد علي سنڌي

اسلام آباد (م ڊ) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت جي نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته وزارت تي رهندي ڪوشش هوندي ته ملڪ جي عوام جي خدمت ڪريان، نگران وفاقي وزير مقرر ٿيڻ وڏو اعزاز آهي. اسلام آباد ۾ سول سوسائٽي پاران سندس مان ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت جي نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي اسلام آباد جي سول سوسائٽي جا ٿورا

ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻينداسين: انور الحق ڪاڪڙ

ڪراچي (م ڊ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ سمورن وسيلن کي هر ممڪن طور تي استعمال ۾ آندو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان متحده قومي موومينٽ جي وفد ملاقات ڪئي. وفد انوارالحق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ملڪ جي

عام چونڊون شفاف نموني ڪرائڻ جون ڪوششون ڪنداسين: نگران وزيراعظم

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته هي حڪومت محدود مدي جي لاءِ وجود ۾ آئي، چونڊ عمل ۾ مدد ۽ نگراني جي لاءِ پنهنجون سموريون توانائيون ۽ ڪردار ادا ڪنداسين، ڪوشش هوندي ته ان عمل کي شفاف ۽ غيرجانبداراڻي انداز ۾ مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن سمورن ڌرين کي اهو عمل قابل قبول هجي، پاڪستان ۾ آئيني ۽ قانوني طريقي سان اقتدار جي منتقلي جي تڪميل

پيپلزپارٽي آئين مطابق بروقت صاف شفاف ۽ اڻ ڌري چونڊ جي حامي آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عوام چونڊن ۾ بنا جواز دير کي قبول نه ڪندو پيپلزپارٽي آئين مطابق بروقت صاف شفاف ۽ اڻ ڌري چونڊ جي حامي آهي تفصيل موجب پي پي چيئرمين بلاول ڀٽوزرداري سان پارٽي اڳاوڻن ملاقات ڪيون ان موقعي تي بلاول ڀتو پارٽي اڳاوڻن ۽ ڪارڪنن کي پيغام ۾ چيو ته پارٽي اڳواڻ ۽ ڪارڪن اليڪشن جي تياري ڪن