چيف جسٽس ڪرپشن ۾ ملوث شخص کي بچائڻ جي لاءِ سرگرم آهي: نوازشريف
لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف الزام هنيو آهي ته چيف جسٽس توشه خانه کان القادر ٽرسٽ تائين ڪرپشن ۾ ملوث شخص کي بچائڻ جي لاءِ سرگرم آهي. لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهون ڪندي اڳوڻي وزيرعظم نوازشريف چيو ته چيف جسٽس عمران خان کي بچائڻ ۾ لڳل آهي هن کي خبر به آهي ته هي ماڻهو ڪرپٽ آهي جنهن سڄي پاڪستان کي تباهه ڪيو آهي.