نڪور خبرون

پيٽرول 8 ۽ ڊيزل 11 رپيا في لٽر سستو، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران حڪومت تيل اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو، پيٽرول 8 ۽ ڊيزل 11 رپيا في لٽر سستو ڪيو ويو. ناڻي واري وزارت طرفان تيل اگهن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول 8  روپيا  سستو ٿيڻ بعد نئين قيمت 323 رپيا 38 پيسا ٿي وئي. ڊيزل جي قيمت ۾ في لٽر 11 روپيا گهٽائي وئي جنهن بعد ڊيزل جي نئين

سائفر ڪيس جو چالان پيش، عمران خان ۽ شاهه محمد قريشي ڏوهي قرار

اسلام آباد (رپورٽر)ايف آءِ اي سائفر ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي خلاف چالان خاص عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو. ايف آءِ اي سائفر ڪيس جو چالان آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي عدالت ۾ جمع ڪرايو، جنهن ۾ چالان ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي. ايف آءِ اي چالان ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود

نيب قانون جي بحالي سان چونڊن ۾ليول پليئنگ فيلڊ ملندي: يوسف رضا گيلاني

اسلام باد(م ڊ)پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلانيءَ نيب قانون جي بحاليءَ کي اليڪشن جي ليول پليئنگ فيلڊ قرار ڏئي ڇڏيو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته نيب قانون جي بحالي کانپوءِ اڳوڻي صدر، ۽ سڀني اڳوڻن وزيراعظم چاهي اهي جيل ۾ هجن يا ملڪ کان ٻاهر سڀ هڪ ئي صف ۾ بيٺل آهن. هن چيو ته اليڪشن ۾ وڌيڪ اڳواڻن جي شموليت سان اليڪشن جي ساک

ڪو نئون ٽيڪس نه لڳندو، هلندڙ سال وصولين جو هدف پورو ڪيو ويندو: ايف بي آر

اسلام آباد(رپورٽر) عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) ٽيڪس وصولين جي باري ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان آءِ ايم ايف تي صاف ظاهر ڪري ڇڏيو آهي ته نگران حڪومت ڪابه نئون ٽيڪس نٿي لڳائي سگهي. ايف بي آر ڪوبه نئون ٽيڪس لڳائڻ کان سواءِ هلندڙ سال مقرر ڪيل ٽيڪس وصولين جو حدف حاصل ڪري وٺندو. ناڻي واري وزارت موجب ايف بي

نجي اسڪولن ۾ 10 ٻارن کي مفت تعليم واري قانون تي عمل ڇو نه ٿيو: وڏو وزير

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي نگران وڏي وزير خانگي اسڪولن ۾ 10 سيڪڙو ٻارن کي مفت تعليم واري قانون تي عمل ڪرائڻ جي هدايت  ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ترجمان موجب سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس(ر) مقبول باقر سيڪريٽري تعليم جو ڌيان سنڌ رائٽ آف چلڊرين فري اينڊ ڪمپلسري ايجوڪيشن ايڪٽ طرف ڏياريندي چيو ته قانون جي تحت هر خانگي اسڪول، تعليمي ادارو پنهنجي گڏيل ٻارن جي انگ جو 10 سيڪڙو

ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي کنيل سمورا غير قانوني قدم واپس وٺي: او آءِ سي

جده) مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي مذمت ڪندي ڀارت تي زور ڀريو آهي ته هو ڄمون ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع تي کنيل سمورا غير قانوني قدم واپس وٺي ۽ اتي انساني حقن جون منظم خلاف ورزيون روڪي. برطانوي اخبار موجب او آءِ سي جي فلسطين ۽ القدس معاملن بابت اسٽيٽ

کير ٿر نيشنل پارڪ واري علائقي ۾ صديون پراڻن ڳوٺن کي ختم ڪيو پيو وڃي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ کيرٿر نيشنل پارڪ جي زمين بلڊر کي الاٽ ڪرڻ خلاف اسٽي آرڊر ۾ واڌ ڪري ڇڏي. چيف جسٽس احمد علي شيخ پاران چيف سيڪريٽري ۽ ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار، چيف جسٽس چيو ته کير ٿر نيشنل پارڪ واري علائقي ۾ صديون پراڻن ڳوٺن کي ختم ڪيو پيو وڃي، ماڻهن کي ڳوٺن مان بي دخل ڪيو پيو وڃي، نام نهاد هائوسنگ

شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس 14 سالن کانپوءِ ٻيهر اوپن، اپيلون ٻڌڻي لاءِ منظور

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس 14سالن بعد ري اوپن، اپيلون ٻڌڻي لاءِ منظور ڪيون ويون عدالت شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس ۾ 2011ع ۾ داخل ڪرايل درخواست کي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي درخواستگذار کي گهرائي ورتو شهيد مير مرتضيٰ جو قتل ڪيس 14 سالن بعد ٻيهر کوليو ويو، اپيلون ٻڌڻي لاءِ منظور ڪيون ويون، درخواستن تي ٽن هفتن کانپوءِ ٻڌڻي ٿيندي

گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ هاءِڪورٽ غائب ماڻهو بازياب ڪرائڻ بابت درخوستن تي گهرو سيڪريٽري ۽ آئي جي سنڌ کي نوٽيس ڪندي جي آئي ٽي ٺاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو اربع تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ شهر جي مختلف علائقن مان شهري لاپته ٿيڻ بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي درخواست گذارن جي وڪيل موقف ڏنو ته محمد علي صديق گهر موٽي

دهشتگردن، انهن جي سهولتڪارن ۽ اڪسائيندڙن کي نه ڇڏينداسين: آرمي چيف

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته دهشتگردن، انهن جي سهولتڪارن ۽ اڪسائيندڙن کي نه ڇڏينداسين. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير ڏکڻ وزيرستان جي علائقي آسمان منزه ڀرسان شيروانگي جو دورو ڪيو، شيروانگي ۾ گذريل ڏينهن 6 سپاهين دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻي هئي. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آرمي چيف کي موجوده انٽيليجنس ۽ دهشتگردي روڪ