نيشنل

سائفر ڪيس جو چالان پيش، عمران خان ۽ شاهه محمد قريشي ڏوهي قرار

اسلام آباد (رپورٽر)ايف آءِ اي سائفر ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي خلاف چالان خاص عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو. ايف آءِ اي سائفر ڪيس جو چالان آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي عدالت ۾ جمع ڪرايو، جنهن ۾ چالان ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي. ايف آءِ اي چالان ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود

نيب قانون جي بحالي سان چونڊن ۾ليول پليئنگ فيلڊ ملندي: يوسف رضا گيلاني

اسلام باد(م ڊ)پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلانيءَ نيب قانون جي بحاليءَ کي اليڪشن جي ليول پليئنگ فيلڊ قرار ڏئي ڇڏيو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته نيب قانون جي بحالي کانپوءِ اڳوڻي صدر، ۽ سڀني اڳوڻن وزيراعظم چاهي اهي جيل ۾ هجن يا ملڪ کان ٻاهر سڀ هڪ ئي صف ۾ بيٺل آهن. هن چيو ته اليڪشن ۾ وڌيڪ اڳواڻن جي شموليت سان اليڪشن جي ساک

پرڏيهي وزير طور هن سائفر کي پرڏيهي وزارت موڪليو، هن چوري نه ڪيو آهي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد( مانيٽرنگ ڊيسڪ)اسلام آباد جي خاص عدالت جي جج ابو الحسنات پي ٽي آءِ جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي خلاف  سائفر ڪيس جي بند ڪمري ۾ ٻڌڻي ڪئي، ايف آءِ اي طرفان شاهه محمود قريشي کي پيش ڪيو ويو. عدالت ۾ شاهه محمود قريشي طرفان سينيئر وڪيل شعيب شاهين ۽ ايف آءِ اي جو اسپيل پراسيڪيوٽر شاهه خاور عدالت ۾ پيش ٿيا. اسپيشل پراسيڪيوٽر دليل ڏيندي چيو ته

ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي کنيل سمورا غير قانوني قدم واپس وٺي: او آءِ سي

جده) مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي مذمت ڪندي ڀارت تي زور ڀريو آهي ته هو ڄمون ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع تي کنيل سمورا غير قانوني قدم واپس وٺي ۽ اتي انساني حقن جون منظم خلاف ورزيون روڪي. برطانوي اخبار موجب او آءِ سي جي فلسطين ۽ القدس معاملن بابت اسٽيٽ

اظهار جي آزادي ۽ ڄاڻ تائين پهچ هر شهريءَ جو بنيادي حق آهي: قاضي فائز عيسى

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج ۽ نامزد چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته اظهار جي آزادي ۽ ڄاڻ تائين پهچ هر شهريءَ جو بنيادي حق آهي، خبر ۽ راءِ ۾ فرق ضروري آهي، هڪ سچائي ۽ هڪ راءِ هوندي آهي، راءِ سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو پر سچ سان ڪو به اختلاف نه ٿو ڪري سگهي. اسلام آباد ۾ پريس ايسوسيئشن آف سپريم ڪورٽ

دهشتگردن، انهن جي سهولتڪارن ۽ اڪسائيندڙن کي نه ڇڏينداسين: آرمي چيف

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته دهشتگردن، انهن جي سهولتڪارن ۽ اڪسائيندڙن کي نه ڇڏينداسين. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير ڏکڻ وزيرستان جي علائقي آسمان منزه ڀرسان شيروانگي جو دورو ڪيو، شيروانگي ۾ گذريل ڏينهن 6 سپاهين دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻي هئي. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آرمي چيف کي موجوده انٽيليجنس ۽ دهشتگردي روڪ

چيف جسٽس ڪرپشن ۾ ملوث شخص کي بچائڻ جي لاءِ سرگرم آهي: نوازشريف

لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف الزام هنيو آهي ته چيف جسٽس توشه خانه کان القادر ٽرسٽ تائين ڪرپشن ۾ ملوث شخص کي بچائڻ جي لاءِ سرگرم آهي. لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهون ڪندي اڳوڻي وزيرعظم نوازشريف چيو ته چيف جسٽس عمران خان کي بچائڻ ۾ لڳل آهي هن کي خبر به آهي ته هي ماڻهو ڪرپٽ آهي جنهن سڄي پاڪستان کي تباهه ڪيو آهي. 

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي منهنجي خلاف سمورن ڪيسن جي ٻڌڻي کان روڪيو وڃي: عمران

اسلام آباد( مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. عمران خان پنهنجي درخواست ۾ موقف ڏنو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي منهنجي خلاف سمورن ڪيسن جي ٻڌڻي کان روڪيو وڃي ۽ منهنجا سمورا ڪيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان لاهور يا پشاور هاءِ ڪورٽ منتقل ڪيا وڃن. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي

پاڪ فوج بٽگرام جي چيئر لفٽ ۾ ڦاٿل شاگردن سميت اٺن ئي ڄڻن کي بچائي ورتو

پشاور (م ڊ) پاڪ فوج پندرهن ڪلاڪن کانپوءِ بٽگرام ۾ چيئر لفٽ ۾ ڦاٿل ڇهن شاگردن سميت اٺن ئي ڄڻن کي بچائي ريسڪيو آپريشن ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪري ورتو آهي.خيبرپختونخوا جي شهر بٽگرام ۾ پاشتو واري هنڌ تي چيئر لفٽ جي رسي  ٽٽي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ اسڪول جي ڇهن ٻارن سميت 8 ڄڻا 600 فوٽن جي بلندي تي ڦاسي پيا. ٻار صبح ستين وڳي چيئر لفٽ ذريعي اسڪول

پاڪستان رينجرز ڀارت طرفان اسمگلنگ جي وڏي ڪارروائي ناڪام بڻائي ڇڏي، 6 ڀارتي شهري گرفتار

راولپنڊي ( م ڊ ) پاڪستان رينجرز ڀارت طرفان منشيات ۽ هٿيارن جي اسمگلنگ ناڪام بڻائيندي 6 ڀارتي اسمگلرن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته 29 جولاءِ کان 3 آگسٽ تائين مداخلت جي ڪوشش ۾ 6 ڀارتي سمگلر گرفتار ڪيا ويا، ڀارتي شهري منشيات ۽ هٿيارن جي سمگلنگ ۾ملوث آهن.آءِ ايس پي آر