انٽرنيشنل

چونڊ نتيجا بدلائڻ جو الزام، ٽرمپ سڀاڻي پاڻ کي جيل اختيارين حوالي ڪندو

واشنگٽن ( م ڊ ) صدارتي اليڪشن ۾ آمريڪي رياست جارجيا جا چونڊ نتيجا بدلائڻ واري ڪيس ۾ اڳوڻو آمريڪي صدر ٽرمپ خميس جي ڏينهن پاڻ کي جيل اختيارين جي حوالي ڪري ڇڏيندو. پرڏيهي خابرو اداري موجب، صدارتي چونڊن جا چونڊ نتيجا بدلائڻ واري ڪيس ۾ عدالت ۾ پهرين حاضري کان اڳ اڳوڻي آمريڪي صدر ۽ 18 شريڪ جوابدارن کي پاڻ کي تحويل ۾ ڏيڻو آهي. ان ڏس ۾ سماجي

ايران خلاف اڳرائيءَ ۾ ملوث هر هٿ ڪٽيو ويندو: ايراني صدر

تهران ( م ڊ) ايراني صدر ابراهيم رئيسي چيو آهي ته ايران خلاف اڳرائي ۾ ملوث هر هٿ ڪٽيو ويندو. پرڏيهي خابرو اداري موجب، ايران طرفان مقامي طور تيار ڪيل مهاجر-6 کان ٻيڻ تي صلاحيت رکندڙ جديد ڊرون مهاجر-10 جي مهورت ڪئي وئي، جديد ڊرون ٻه هزار ڪلوميٽر آپريشنل رينج سان گڏ، 24 ڪلاڪن تائين اُڏام جي صلاحيت رکي ٿو. ايران جي سرڪاري ميڊيا موجب، ايراني ڊرون مهاجر -10، ٽي

اتر ڪوريا جي ڪروز ميزائل تجربي تي آمريڪا جو سخت رعمل

واشنگٽن (م ڊ) اتر ڪوريا ڪروز ميزائل جو هڪ ٻيو تجربو ڪري ورتو . اتر ڪوريا جي سرڪاري خابرو اداري موجب، اسٽريٽيجڪ ڪروز ميزائل جو تجربو اولهندي سمنڊ ڪناري ويجهو سامونڊي جهاز تان ڪيو ويو.اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان به ميزائل تجربي وقت اتي موجود هو. ميڊيا رپورٽن موجب، ميزائل بابت وڌيڪ تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا. ٻئي پاسي اتر ڪوريا جي سُپريم ليڊر ڪم جونگ ان پنهنجي

مذهبي انتها پسندي ۽ اقليتن خلاف تشدد ۾ ڀارت سرفهرست: رپورٽ

نئين دهلي (م ڊ) سموري دنيا ۾ مذهبي بنيادن تي تشدد جي شڪار ماڻهن سان يڪجهتي جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. مذهبي انتها پسندي ۽ اقليتن خلاف تشدد وارن مُلڪن جي فهرست ۾ ڀارت سرفهرست آهي، آزادي کان وٺي هنيئر تائين 93،647  مسلم دشمن واقعن  ۾ پنج کان وڌيڪ مسلمان شهيد ٿي چڪا آهن. 1989 ۾ بهار، 2002 ۾ گجرات ۽ 2020 ۾ دهلي فسادن دوران هزارين مسلمانن کي شهيد