مونکي ڪجهه به پچائڻ ناهي ايندو، سيف منهنجو باورچي آهي: ڪرينا ڪپور
نئين دهلي (م ڊ) بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور چيو آهي ته منهنجو مڙس سيف علي خان گهر جو باورچي آهي، جيڪو هر قسم جو کاڌو پچائڻ ڄاڻيندو آهي، مون کي ته ڪجهه ناهي ايندو. ڪرينا ڪپور تازو نئين دهيل ۾ هڪ ايونٽ ۾ شرڪت ڪئي، جن هن پنهنجي پروفيشنل زندگي سميت نجي زندگي تي گفتگو ڪئي ۽ ٻڌايو ته هوءَ گهر ۾ ڪيئن رهندي آهي ۽ ڪيئن زندگي گهاريندي