آسمان مان من و سلويٰ ملي نه ملي پيزا ملي ويندو
لنڊن(مانيٽرنگ ڊيسڪ) برطانيا جي مشهور ميوزڪ ميلي ۾ بکين ماڻهن جي بک ختم ڪرڻ لاءِ هاڻ اڏامندڙ لباس (جيٽ پيڪ) وارا ڪارڪن پيزا فراهم ڪري رهيا آهن ان جو سبب اهو آهي ته ماڻهن جو تمام وڏو انگ کليل ميدان تي گاهه تي ويهي ميوزڪ ٻڌندو آهي ۽ رش مان نڪري کائڻ پيئڻ ۾ پريشاني ٿيندي آهي ڊومينو پيزا جي ڪارڪنن فيسٽيول کان اڳ ئي ان جي مشق ڪئي هئي