سنڌ سماچار

نجي اسڪولن ۾ 10 ٻارن کي مفت تعليم واري قانون تي عمل ڇو نه ٿيو: وڏو وزير
ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي نگران وڏي وزير خانگي اسڪولن ۾ 10 سيڪڙو ٻارن کي مفت تعليم واري قانون تي عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ترجمان موجب سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس(ر) مقبول باقر سيڪريٽري تعليم جو ڌيان سنڌ رائٽ آف چلڊرين فري اينڊ ڪمپلسري ايجوڪيشن ايڪٽ طرف ڏياريندي چيو ته قانون جي تحت هر خانگي اسڪول، تعليمي ادارو پنهنجي گڏيل ٻارن جي انگ جو 10 سيڪڙو
انٽرنيشنل

چونڊ نتيجا بدلائڻ جو الزام، ٽرمپ سڀاڻي پاڻ کي جيل اختيارين حوالي ڪندو
واشنگٽن ( م ڊ ) صدارتي اليڪشن ۾ آمريڪي رياست جارجيا جا چونڊ نتيجا بدلائڻ واري ڪيس ۾ اڳوڻو آمريڪي صدر ٽرمپ خميس جي ڏينهن پاڻ کي جيل اختيارين جي حوالي ڪري ڇڏيندو. پرڏيهي خابرو اداري موجب، صدارتي چونڊن جا چونڊ نتيجا بدلائڻ واري ڪيس ۾ عدالت ۾ پهرين حاضري کان اڳ اڳوڻي آمريڪي صدر ۽ 18 شريڪ جوابدارن کي پاڻ کي تحويل ۾ ڏيڻو آهي. ان ڏس ۾ سماجي
دلچسپ ۽ عجيب

آسمان مان من و سلويٰ ملي نه ملي پيزا ملي ويندو
لنڊن(مانيٽرنگ ڊيسڪ) برطانيا جي مشهور ميوزڪ ميلي ۾ بکين ماڻهن جي بک ختم ڪرڻ لاءِ هاڻ اڏامندڙ لباس (جيٽ پيڪ) وارا ڪارڪن پيزا فراهم ڪري رهيا آهن ان جو سبب اهو آهي ته ماڻهن جو تمام وڏو انگ کليل ميدان تي گاهه تي ويهي ميوزڪ ٻڌندو آهي ۽ رش مان نڪري کائڻ پيئڻ ۾ پريشاني ٿيندي آهي ڊومينو پيزا جي ڪارڪنن فيسٽيول کان اڳ ئي ان جي مشق ڪئي هئي
سائنس ۽ ٽيڪنالاجي
ڀارت جو خلائي مشن چندريان ٿري ڪاميابي سان چنڊ تي پهچي ويو
ممبئي (م ڊ) ڀارت جو خلائي مشن چندريان ٿري ڪاميابي سان چنڊ تي پهچي ويو، مشن جي ڪاميابي بعد ڀارت چنڊ تي سافٽ لينڊنگ ڪرڻ وارو دنيا جو چوٿون ۽ ايشيا جو ٻيو ملڪ بڻجي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ٻن ناڪامين بعد ڀارت جو ٽيون خلائي مشن چنڊ تي لهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. ڀارت طرفان چندريان ٿري چنڊ جي سفر تي 14 جولاءِ تي روانو ٿيو هو.
رانديون

ذڪاءَ اشرف کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ وزيرِ اعظم آفيس کي خط
اسلام آباد ( م ڊ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ذڪاءَ اشرف کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ وزيرِ اعظم آفيس ڏانهن خط لکيو ويو آهي. ذريعن موجب، خط بين الصوبائي رابطن واري وزارت اليڪشن ڪميشن جي حڪمن جي روشني ۾ لکيو آهي، جنهن ۾ ذڪاءَ اشرف جي مقرري کي سياسي قرار ڏنو ويو آهي. خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ذڪاءَ اشرف جي مقرر سياسي
شوبز

مونکي ڪجهه به پچائڻ ناهي ايندو، سيف منهنجو باورچي آهي: ڪرينا ڪپور
نئين دهلي (م ڊ) بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور چيو آهي ته منهنجو مڙس سيف علي خان گهر جو باورچي آهي، جيڪو هر قسم جو کاڌو پچائڻ ڄاڻيندو آهي، مون کي ته ڪجهه ناهي ايندو. ڪرينا ڪپور تازو نئين دهيل ۾ هڪ ايونٽ ۾ شرڪت ڪئي، جن هن پنهنجي پروفيشنل زندگي سميت نجي زندگي تي گفتگو ڪئي ۽ ٻڌايو ته هوءَ گهر ۾ ڪيئن رهندي آهي ۽ ڪيئن زندگي گهاريندي